اسلام آباد-17 جنوري (اي پي پي) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان را??ا عام چونڊ?? کي پُرامن رٿڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ووٽر?? کي چونڊن جي حوالي سان سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ان??ظاميه ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ذميواري اهي، سمورين سياسي پارٽين جي اڳواڻن ۽ ووٽرن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي، چونڊ ريلين ۽ جلس?? کي به مناسب سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي ۽ چونڊن جي ضابطه اخلاق تي سختيءَ سان عمل ڪرايو وڃي. اليڪشن ڪميشن جو ايندڙ عام چونڊن جي تيارين بابت اهم اجلاس ٿيو. اجلاس جي صدارت چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان را??ا ڪئي. اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن سميت گهرو وزارت جي سيڪريٽري، چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين، آءِ جي صاحبن ۽ ٻين لا انفورسمينٽ ايجنسين جي نمائندن، چيف ڪمشنر اسلام آباد، سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن سميت اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. چيف ڪمشنر اجلاس جي شرڪت ڪندڙ?? کي خطاب ڪندي عام چونڊ?? کي پرامن رٿڻ جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته ان??ظاميه ۽ لا انفورسمينٽ ايجنسين جي ذميواري آهي ته هو ايندڙ چونڊ?? کي پُرامن، محفوظ ۽ ڪاميابي رٿڻ لاءِ وقت سر ان??ظامي ۽ حفاظتي ان??ظام?? کي يقيني بڻائي ته جيئن سياسي پارٽين، اميدوارن ۽ ووٽر?? کي چونڊن جي حوالي سان هڪ سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي، جنهن ۾ هو بنا خوف ۽ خطري پنهنجي را??ِ جي آزاديءَ جو حق استعمال ڪري سگهن. چيف سيڪريٽري، آءِ جيز ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد اجلاس کي ٻُڌايو ته چونڊون منعقد ڪرڻ لاءِ سڀ ان??ظام مڪمل آهن ۽ هر قسم جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سموري تياري مڪمل آهي. اجلاس کي ٻُڌايو ويو ته ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ ٿريٽ الرٽس آهن پر پُرامن چونڊن جي رٿڻ لاءِ ڪا ڪسر نه ڇڏي ويندي. ٻوڏ متاثر پولنگ اسٽيشنن جي مرمت جو ڪم تيزيءَ سان جاري آهي ۽ـ چونڊن کان اڳ هر صورت مڪمل ڪيو ويندو. حساس پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرا لڳايا ويندا، سمورن لاڳاپيل ادارن کي فنڊز جي فراهمي وقت تي يقيني بڻائي پئي وڃي. گهرو وزارت جي سيڪريٽري اجلاس کي ٻُڌايو ته چونڊن لاءِ وفاقي سطح تي ڪنٽرول روم بڻايا ويا آهن. گهرو وزارت سمورن ادارن سان را??طي ۾ آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جو شڪريو ادا ڪندي اليڪشن منعقد ڪرڻ لاءِ سمورن قدمن ۽ ان??ظامن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 218 (3) تحت پُرامن ۽ شفاف چونڊن منعقد ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي. سمورن آءِ جيز اها خاطري ڪرائي ته جتي به پوليس نفري جي انگ ۾ گهٽتائي هوندي اتي ٻين سيڪيورٽي ايجنسين جي گُهرايو ويندو. هنن ٻُڌايو ته جيڪڏهن ڪنهن اميدوار يا ڪنهن شخص قانون ۽ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي ته ان خلاف به قانون مطابق سخت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.
متعلقہ مضامین
-
AMAN-25 exercise continues in Karachi with counter-terror drills
-
Sindh EPA committed to ensuring air quality in Karachi
-
Punjab govt takes aim at online weapon license scams
-
شاولن فٹ بال سرکاری تفریح لنک
-
سبا اسپورٹس ایک معروف بٹنگ ویب سائٹ
-
Rehman Malik leaves for London to meet Zardari
-
Agreement to set up oil refinery in Karak
-
Imposition of section 144 in Punjab challenged in LHC
-
Incestuous, rapist police official sentenced to life
-
Shehbaz lauds security forces sacrifices, terms Pakistan unconquerable
-
ڈیٹا بیس آن لائن تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک - مکمل گائیڈ اور تفصیلات